ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارا زويا ناصر چيو آهي ته هو پهرين نظر ۾ پيار ٿيڻ تي يقين نٿي رکي، هوءَ پهريان ماڻهو کي پرکيندي ۽ سمجهندي آهي، پوءِ ساڻس محبت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي آهي.
هڪ بيان ۾ زويا ناصر چيو ته هوءَ ڪنهن به مرد ۾ سڀ کان اڳ اخلاقيات ۽ شخصيت جو جائزو وٺندي آهي ته هو ٻين سان ڪهڙي انداز ۾ پيش اچي ٿو، پوءِ صفائي سٿرائي جهڙيون شيون ڏسي سندس بابت فيصلو ڪندي آهي.
اداڪارا چيو ته هوءَ رومانوي شخصيت ناهي پر جيڪڏهن کيس ڪنهن سان رومانوي فلم ڪرڻي پئي ته هوءَ شاهه رخ خان سان ” ڪل هو نه هو “ يا ” ڪڀي خوشي ڪڀي غم “ جهڙيون فلمون ڪندي.
هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته جيڪڏهن کيس ڪنهن سان ڊيٽ جو موقعو مليو ته هوءَ ٽام ڪروز ۽ بريڊ پٽ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪندي.
هن چيو ته محبت ڪرڻ وارو شخص ڪڏهن به ٻين کي تڪليف ناهي ڏيندو ۽ جيڪو تڪليف ڏيندو آهي اِهو محبت ناهي ڪندو ۽ اِها ئي ڪنهن کي سمجهڻ جي پهرين نشاني آهي.