وينا ملڪ کي وري پيار ٿي ويو؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سوشل ميڊيا تي افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته پاڪستاني اداڪارا وينا ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر محبت ۾ گرفتار ٿي چڪي آهي.
وينا ملڪ جي آفيشل انسٽاگرام اسٽوريز جا اسڪرين شاٽس وائرل ٿي رهيا آهن جنهن ۾ هن ” ايم شهريار 01 “ نالي هڪ ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ ۽ ” شهريار چوڌري “ جي انسٽاگرام اڪائونٽ جون وڊيوز ري شيئر ڪيون آهن.
اداڪارا وڊيوز ۾ ڳاڙهي دل وارن ايموجيز جو استعمال ڪندي ڪيپشن پڻ لکيو آهي، جنهن کانپوءِ اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي ته سندس زندگي ۾ ڪو خاص شخص اچي ويو آهي.
وينا ملڪ اڃا تائين ان حوالي سان ڪو به واضح بيان ناهي ڏنو ۽ نه ئي ان ” مسٽري مين “ جو چهرو ڏيکاريو آهي.
اِهو پهريون ڀيرو ناهي جو وينا ملڪ جي افيئرز جون خبرون سامهون آيون آهن، ان کان اڳ به سندس افيئرز ميڊيا جي سرخين جو حصو رهيا آهن، ڀارتي اداڪار اشميت پٽيل ۽ پاڪستاني اداڪار ببرڪ سان سندس لاڳاپن جا چرچا عام ٿيا هئا.
واضح رهي ته وينا ملڪ 2013 ۾ دبئي جي ڪاروباري شخصيت اسد بشير خان سان شادي ڪئي هئي، جيڪا 2017 ۾ طلاق تي ختم ٿي وئي، ان کانپوءِ سندن ٻارن جي حوالگي بابت تڪرار پڻ سامهون آيو هو، پر ٻنهي نياڻين جي ڪسٽڊي اداڪارا وٽ ئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.