بدين (رپورٽ : رازق ڏنو کوسو) عوامي آواز جي خبر شايع ٿيڻ کانپوءِ بدين جو صحت کاتو جاڳي پيو، ڊي ايڇ او ھيلٿ بدين ڊرگ انسپيڪٽر دلارو جسڪاڻي خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سرڪاري دوائون وڪرو ٿيڻ جي انڪشاف واري خبر عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ ڊي ايڇ او ھيلٿ بدين نوٽيس وٺندي ٽن ماڻهن تي ٻڌل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي، جاچ ٽيم ۾ ايڊيشنل ڊي ايڇ او (ايڊمن اينڊ اڪائونٽس) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس بدين ڊاڪٽر ظھور احمد عباسي کي چيئرمين، جڏهن ته ٽي ايڇ او (ايڇ ڪيو) ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ ۽ ڊپٽي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ممتاز علي چانڊيو کي ميمبر طور مقرر ڪندي ٽن ڏينھن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.
صحت کاتي جي نوٽيس کانپوءِ ڊرگ انسپيڪٽر دلاور جسڪاڻي پاڻ کي بچائڻ لاءِ مصروف ٿي ويو.
هوڏانهن عوامي آواز ۾ خبر ڇپجڻ کانپوءِ سرڪاري دوائون کپائيندڙن ۽ غير قانوني اسٽور هلائيندڙن کان منٿليون وٺڻ وارن جو گهيرو تنگ ٿي ويو آهي.
عوامي آواز جي خبر تي صحت کاتي بدين جو ايڪشن، سرڪاري دوائن جي وڪري تي جاچ جو حڪم
Prev Post
You might also like