ماکيءَ جي مک جي زهر ۾ ڇاتي جي ڪينسر جو علاج درياف

ماکيءَ جي مک جو زهر ڇاتي جي ڪينسر کي ختم ڪري سگهي ٿو.
اهو انڪشاف آسٽريليا جي يونيورسٽي هيري پرڪنز انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ريسرچ طرفان ڪيل تحقيق ۾ سامهون آيو آهي.
رپورٽن موجب اها تحقيق 2020 ۾ ڪئي وئي ۽ ان کي عالمي رسالي اين پي جي نيچر پريسجن آنڪولوجي ۾ شايع ڪيو ويو آهي.
تحقيق لاءِ محققن پرٿ ويسٽرن آسٽريليا، آئرلينڊ ۽ انگلينڊ ۾ 312 ماکي جي مکين جي زهر جو جائزو ورتو.
تحقيق سان خبر پئي ته ماکي جي مک جو زهر ڇاتي جي ڪينسر جي خلين کي تيزيءَ سان تباهه ڪري سگهي ٿو.
ڊاڪٽر سيارا ڊفي موجب اڳ ڪنهن ڇاتي جي ڪينسر ۽ عام خلين جي سڀني ذيلي قسمن ۾ ماکي جي مک جي زهر جي اثرن جي ڀيٽ نه ڪئي هئي.
تحقيق موجب اهو تجربو هڪ ڪوئي تي ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪينسر کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.