فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي ڪواليفائر 1 ۾ پينٿرز مارخورز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
فيصل آباد ۾ کيڏيل ڪواليفائر 1 ۾ مارخورز ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ سڄي ٽيم 137 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
آغا سلمان 52 ۽ افتخار احمد 39 رنسن سان اڳڀرا رهيا، پينٿرز جي صائم ايوب 5 ۽ محمد حسنين 3 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ پينٿرز گهربل هدف 24هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، عثمان خان 54 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، عمر صديق 35 ۽ صائم ايوب 33 رنسون ٺاهيون.
ايونٽ ۾ هاڻ اربع تي ايليمينيٽر 1 ۾ اسٽالينز جو مقابلو لائينز سان ٿيندو ۽ کٽيندڙ ٽيم ايليمينيٽر 2 ۾ مارخورز سان مهاڏو اٽڪائيندي.
You might also like