پاڪستان جي لبنان تي اسرائيلي وحشياڻي ڪارروائين جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان لبنان تي اسرائيل جي وحشياڻي ڪارروائين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور اسرائيل کي جوابده قرار ڏنو وڃي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان اسرائيل جي لبنان تي تازي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، جنهن ۾ سوين شهرين جو قتل عام ڪيو ويو.
هن چيو ته لبنان تي اها جارحيت گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، اهو هڪ خطرناڪ فعل آهي، جيڪو اڳ کان غير مستحڪم غطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان لبنان جي خود مختياري ۽ علائقائي سلامتي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ لبنان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.
پرڏيهي ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کي اپيل ٿا ڪيون ته خطي ۾ اسرائيل جي خطرناڪ اڳرائي ۽ جارحيت جي قدمن تي ان کي فوري طور جوابده قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.