ساهرن سان گڏ رهڻ ۾ سهولتون ئي سهولتون آهن: سنيتا مارشل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ماڊل ۽ اداڪارا سنيتا مارشل جوائنٽ فيملي سسٽم جي حمايت ڪندي چيو ته کيس ساهرن ۾ ڪنهن به شئي لاءِ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي هوندي.
سنيتا مارشل نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن گڏيل خاندان ۾ رهڻ جي اهميت تي تبصرو ڪندي چيو ته هوءَ ساهرن سان گڏ رهندي آهي، جوائنٽ فيملي ۾ سهولتون ئي سهولتون نظر اينديون آهن.
اداڪارا چيو ته ساهرن سان رهڻ ۾ پهريون فائدو اِهو آهي ته ٻارن جي ڳڻتي ناهي ٿيندي، ڇو ته گهر ۾ ڏاڍو ڏاڍي موجود آهن، ان کانسواءِ ٻيو فائدو اهو آهي ته گهر ۾ کاڌي پيتي سميت ٻئي سامان جي به ڳڻتي ناهي هوندي ڇو جو سڀ ڪجهه سندس سس سنڀاليندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.