فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي پهرئين پلي آف مرحلي ۾ فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي شرڪت ڊاڪٽرن جي ڪليئرنس سان مشروط آهي.
شاهين آفريدي کي ڊولفنز خلاف ميچ ۾ گوڏي تي بال لڳو هو جنهن کانپوءِ کيس رننگ ۾ پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهين آفريدي پهريان کان بهتر محسوس ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ٽيم جو فزيو ڪليف ڊيڪون به ڪرڪيٽر جي انجري کي مانيٽر ڪري رهيو آهي.
ذريعن موجب، اڄ لائنز جي پريڪٽس سيشن ۾ ڊاڪٽرن ۽ فزيو شاهين جي فٽنس جو جائزو وٺندا، جنهن کانپوءِ کيس ايندڙ ميچن ۾ سندس کيڏڻ يا نه کيڏڻ بابت فيصلو ٿيندو.
You might also like