محرابپور/ پيروسڻ (نمائندن وٽان)پيروسڻ ڀرسان ڳوٺ مقصود احمد جٽ جي رهواسي پورهيت سليم جٽ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ محرابپور اسٽيشن تان بهاولپور ويندڙ مسافر ٽرين ۾ چڙهندي موتمار حادثي جو شڪار ٿي ويو، جڏهن ته فوتين ۾ سليم جٽ، سندس ساليءَ رضيه بي بي ۽ ٻارڙي ابيھا شامل آهن، حادثي ۾ ھڪ ٻارڙي عنيا سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه نيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪٽنب محرابپور کان بھاولپور وڃي رھيو ھو ته ڪراڪرم ايڪسپريس ۾ چڙھندي ساڻن حادثو پيش آيو، ريلوي پوليس موجب، لاش تحويل ۾ وٺي محراب پور ٿاڻي تي آندا جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمي ٿيل ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.