اسلام آباد (م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا نااهلي ۽ بدانتظامي تي 3 اليڪشن ڪميشن آفيسرن کي 120 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله، ڊائريڪٽر ايڊمن اليڪشن ڪميشن سنڌ اظهر حسين ٽانوري کي نااهلي ۽ بدانتظامي تي معطل ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن آفيسر ڪراچي خدا بخش کي به معطل ڪيو ويو ۽ هدايت ڪئي وئي ته ٽئي آفيسر انڪوائري مڪمل ٿيڻ ۽ وڌيڪ حڪم ملڻ تائين ڪراچي ۾ ئي رهندا جڏهن ته جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر علي اصغر سيال کي وقتي اليڪشن ڪمشنر سنڌ مقرر ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 17 سيپٽمبر جي رات پپري ڪراچي ۾ اسٽرانگ روم جا تالا زبردستي ٽوڙي مختلف پولنگ اسٽيشنن جي ٿيلهن کي نقصان پهچايو ويو جنهن جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انڪوائري ڪميٽي ۾ جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ نذر عباس، ڊائريڪٽر وسيم احمد ۽ آر اي سي لاڙڪاڻو عبدالوحيد شامل آهن. اليڪشن ڪميشن موجب ڪميٽي ٽن ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي.