چيمپيئنز ٽرافي: آءِ سي سي پاران پاڪستان جا سيڪيورٽي انتطام تسلي بخش قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) جي وفد چيمپيئنز ٽرافي 2025 لاءِ پاڪستان طرفان ڪيل سيڪيورٽي انتظامن کي تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو.
پاڪستان جي دوري تي آيل آءِ سي سي وفد ۾ آءِ سي سي جي سينيئر مئنيجر ايونٽس سارا ايڊگر، ايونٽ مئنيجر ۽ چيمپيئنز ٽرافي ايونٽ ليڊ عون محمد زيدي، جنرل مئنيجر ڪرڪيٽ وسيم خان، سيڪيورٽي مئنيجر ڊيوڊ مسڪر ۽ براڊ ڪاسٽ ڪنسلٽنٽ منصور منج شامل آهن.
پاڪستان جي دوري دوران آءِ سي سي وفد چيمپيئنز ٽرافي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اسلام آباد ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ميگا ايونٽ جي تيارين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ سيڪيورٽي انتظامن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران آءِ سي سي جي وفد ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڪيل انتظامن کي تسلي بخش قرار ڏنو.
ٻئي پاسي پي سي بي چيئرمين آءِ سي سي وفد کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ عالمي معيار جي انتظامن جي خاطري ڪرائي آهي.
ان موقعي تي پي سي بي چيئرمين جو چوڻ هو ته اسٽيڊيمز جي اَپ گريڊيشن جو ڪم چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو ۽ سمورين ٽيمن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويندا.
محسن نقوي چيوته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني پاڪستان کي ملڻ هڪ اعزاز آهي، جيترو وڏو ايونٽ آهي ان موجب انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون.
پي سي بي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ميگا ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ سمورين ٽيمن جا رانديگر پرامن ۽ محفوظ ماحول ۾ ڪرڪيٽ کيڏي انجواءِ ڪندا، گرائونڊز جي اَپ گريڊيشن کانپوءِ سهولتون عالمي معيار جون هونديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.