اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري طرفان صحيحن کانپوءِ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس تي عملدرآمد شروع ٿي ويو.
جسٽس منيب اختر 3 رڪني ججز ڪميٽي کان ٻاهر ٿي ويو ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس امين الدين خان کي ڪميٽي رڪن نامزد ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس امين الدين خان سينارٽي لسٽ ۾ پنجين نمبر تي آهي.
3 رڪني ججز ڪميٽي بئنچن جي جوڙجڪ ۽ انساني حقن جي ڪيسن جو جائزو وٺندي آهي.
3 رڪني ججز ڪميٽي ۾ چيف جسٽس کانسواءِ سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه به شامل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 3 رڪني ججز ڪميٽي جو اجلاس سومر تي گهرائڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته صدر آصف علي زرداري وفاقي ڪابينا مان منظوري کان پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيحون ڪيون هيون، جنهن کانپوءِ اهو لاڳو ٿي ويو هو.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 2 جي ذيلي شق هڪ موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪميٽي ڪيس مقرر ڪندي، ڪميٽي چيف جسٽس، سينيئر ترين جج ۽ چيف جسٽس جي نامزد جج تي ٻڌل هوندي.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس تي عملدرآمد شروع، جسٽس منيب ججز ڪميٽي کان ٻاهر
You might also like