” تڪڙ ناهي، بابر بابر پيا ڪن، 40 اوور کيڏايوس، ٻيا آئوٽ ٿي ويندا“ سرفراز جي وڊيو وائرل

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ون ڊي ڪپ ۾ ڊولفنز جي مينٽور سرفراز احمد جي وڪيٽ ڪيپنگ دوران بابر اعظم بابت دلچسپ تبصرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو .
گذريل ڏينهن چيمپيئنز ڪپ ۾ ڊولفنز ۽ اسٽالينز جون ٽيمون آمهون سامهون هيون، جتي ڊولفنز کي ايونٽ ۾ لاڳيتو ٽين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، ان ميچ دوران وائيٽ بال فارميٽ جي ڪپتان بابر اعظم 104 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جنهن ۾ ست چوڪا ۽ ٽي ڇڪا پڻ شامل هئا.
ميچ دوران وڪيٽ ڪيپنگ ڪندي سرفراز احمد بالر کي مخاطب ڪندي چيو ته ڪائي تڪڙ ناهي،تماشائي ڀلي بابر بابر ڪندا رهن، اسان بابر کي چاليهه اوور کيڏائينداسين، شاباش باقي سڀ آئوٽ ٿي ويندا.
سرفراز جو تبصرو اسٽمپ مائيڪ ۾ محفوظ ٿي ويو ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿيڻ لڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.