ٽين ٽوئنٽي: ڏکڻ آفريڪا وومينز پاڪستان کي هارائي سيريز کٽي ورتي

ملتان(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي وومين ٽيم پاڪستان کي ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ملتان ۾ کيڏيل سيريز جي ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاڪستان کي اٺ وڪيٽن تان مات ڏئي ڇڏي.
پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنسون ٺاهيون، سدرا امين 37، منيبه علي 33 ۽ ڪپتان فاطمه ثناءَ 27 رنسون سان ٽاپ اسڪورر رهي.
آفريڪي ٽيم گهربل هدف 19 هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، پروٽيز طرفان ڪپتان وولوارٽ 45، اينيڪي بوش 46 ۽ ڊرڪسن ناقابلِ شڪست 44 رنسون ٺاهي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڏکڻ آفريڪا جي اينيڪي بوش کي پليئر آف دي ميچ ۽ سوني لئوس کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.