”شيطان اگهاڙو ڪري ڇڏيو ۽ خبر نه پئي“ ثناءَ خان ماضي ساري لڙڪ لاڙي ويٺي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ کي الوداع چئي مذبي رستو اختيار ڪندڙ اداڪارا ثناءَ خان پنهنجي ماضي کي ياد ڪندي جذباتي ٿي وئي.
ويجهڙ ۾ ثناءَ خان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران هوءَ بالي ووڊ انڊسٽري ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي مسلم سڃاڻپ متاثر ٿيڻ جو اعتراف ڪري لڙڪ لاڙي ويٺي.
پوڊ ڪاسٽ دوران ميزبان ثناءَ خان کي سوال ڪيو ته اوهان ڪڏهن ۽ ڇو پنهنجي مذهب طرف واپسيءَ جو رستو اختيار ڪيو ؟
جنهن تي ثناءَ خان چيو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون ڪندا آهيون پر ان وقت باڊي لينگويج سٺي ناهي هوندي، منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ وقت اهڙو هو جڏهن مان پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳي هيس ته مان خوش ڇو نه آهيان؟
ثناءَ خان اسلام بابت تبصرو ڪندي چيو ته هڪ عورت طور مون کي محسوس ئي نه ٿيو ته شيطان مون کي ڪڏهن اگهاڙو ڪيو؟ مون کي سمجهه نٿي آيو ته هڪ شلوار قميض پائيندڙ ۽ وارن ۾ تيل هڻي ڪاليج ويندڙ ڇوڪري ڪڏهن شارٽ ڪٽ ۽ سليوليس تائين پهتي.
اداڪارا پنهنجي پٽ ۽ مڙس بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان جي مذبت ۾ نياڻي کي رحمت ۽ پٽ کي نعمت سمجهيو ويندو آهي.
اڳوڻي اداڪارا پنهنجي مڙس جي واکاڻ ڪندي چيو ته سندس مڙس سان ڪائي ڀيٽ نه آهي هو هيرو آهي ۽ مان ڪوئلو آهيان.
ياد رهي ته ثناءَ خان 2020 ۾ بالي ووڊ کي الوداع چيو ۽ 2021 ۾ مفتي انس سيد سان شادي ڪئي هئي، شادي کانپوءِ ثناءَ خان خوشگوار زندگي گذار رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.