ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پهريون ڀيرو ميڊ ان پاڪستان دوائن جي آمريڪا برآمد تي فارما ڪمپني اسٽاڪ ايڪسچينج کي خط لکي پاڪستاني فارما سيوٽيڪل سيڪٽر ۾ ڪاميابي جا تفصيل موڪلي ڇڏيا.
فارما ڪمپني طرفان پي ايس ايڪس کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سٽي فارما آمريڪا لاءِ نيوٽراسيوٽيڪل ۽ ملٽي وٽامنز جي برآمد ڪندڙ پهرين پاڪستاني فارما ڪمپني بڻجي وئي.
خط ۾ چيو ويو ته عالمي معيار موجب سٽي فارما کي آمريڪي ايف ڊي اي کان منظوري ملي چڪي آهي، وزن ڪنٽرول، وارن جي سار سنڀال، ذهني مرضن ۽ سنڌن جي سور جون دوائون ايڪسپورٽ ڪيون ويون.
ڪمپني لکيو ته آمريڪا کي انجيڪشن، ٽيبليٽ، سيرپ، ڪريم ۽ ڪيپسول جي صورت ۾ ايڪسپورٽ ڪئي وئي، پاڪستان مان دوائن جي پهرين شپمينٽ لاءِ هڪ لک 9 هزار 500 ڊالرن جي رقم وصول ٿي وئي، ڪمپني کي دوائن جي ايڪسپورٽ سان 3 ملين ڊالر سالياني آمدني حاصل ٿيندي.
Next Post
You might also like