بجلي واهپيدارن لاءِ خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري بجلي واهپيدارن کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته ڪجهه هفتن ۾ اڳڀرائي سامهون ايندي، عوام کي جلد سٺي خبر ڏينداسين.
محسن عزيز جي صدارت هيٺ سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ اويس لغاري بريفنگ ڏيندي چيو ته اڳ به آءِ پي پيز تي ڪميٽي کي سموري ڄاڻ فراهم ڪئي آهي، آءِ پي پيز بابت عوام کي جلد خوشخبري ڏينداسين.
هن چيو ته ٽاسڪ فورس بجلي جي شعبي جو مڪمل جائزو ورتو آهي، آءِ پي پيز سان معاهدن تي ڪو هڪ طرفو قدم نه کڻنداسين پر آءِ پي پيز کي اعتماد ۾ وٺي ڪم ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه هفتن ۾ آءِ پي پيز سان اڳڀرائي سامهون ايندي، توانائي سيڪٽر ۾ اوچتو ڪو وڏو رليف ممڪن ناهي پر مرحلي وار بجلي سستي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.