ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) خوبرو اداڪارا نعيمه بٽ انڪشاف ڪيو آهي ته ماڊرن نظر اچڻ لاءِ کيس انڊسٽريءَ ۾ وارَ ڪٽرائڻ جو چيو، پر هوءَ پنهنجي وار ڪنهن به صورت ۾ نه ڪٽرائيندي.
ڊرما سيريل ” ڪڀي مين ڪڀي تم “ ۾ رُباب جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا نعيمه بٽ جا ڊگها، خوبصورت وار سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندا رهيا آهن، ان حوالي سان اداڪارا هڪ انٽرويوءَ ۾ انڪشاف ڪيو ته انڊسٽري ۾ سندس وارن سان مسئلو رهيو آهي.
اداڪارا چيو ته مون کي ڪئي ڀيرا وار ڪٽرائڻ جو چيو ويو آهي ڇو ته پروڊڪشن وارن سان اسٽائيلنگ جو مسئلو پيش اچي ٿو، اِهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن وار ڪٽرائينديس ته ٿوڙي ماڊرن لڳنديس پار مان اهڙن مشورن تي ڪن ناهيان ڏيندي ڇو ته مون کي پنهنجا وار پسند آهن.
نعيمه بٽ وڌيڪ چيو ته سندس گوڏن تائين ڊگها وار هوندا هئا، دل تي پٿر رکي مون کي ٿورا وار ڪٽرايا آهن، وڌيڪ وار نه ڪٽرائينديس.