اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين جي هڪ وڏي گروپ پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سان لکين پاڪستانين کي روزگار ملڻ جي اميد آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان روئيي گروپ جي 9 رڪني وفد چيئرمين چيو يافو جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي، وزيراعظم ٽيڪسٽائل شعبي ۾ سيڙپڪاري تي روئيي گورپ جي دلچپسي کي ساراهيو.
پاڪستان ۽ چين ۾ ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، جڏهن ته وزيراعظم ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ خاص ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي، جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وزير سميت ايس آءِ ايف سي جا نمائندا شامل هوندا.
ملاقات دوران سيڙپڪاري بورڊ ۽ روئيي گروپ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب به ٿي.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته روئيي گروپ جي وفد جي پاڪستان ۾ آجيان ڪيون ٿا، گروپ سي پيڪ تحت ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جو پهريون سيڙپڪار هو.
روئيي گروپ جي چيئرمين چيو ته سيڙپڪار نه پر دوست جي حيثيت سان پاڪستان آيا آهيون، روئيي گروپ سنڌ ۽ پنجاب ۾ عالمي معيار جا ٽيڪسٽائل پارڪ قائم ڪندو.
چيو يافو ٻڌايو ته چين جي 100 جي لڳ ڀڳ ٽيڪسٽائل ملز کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ويندي، پهرئين مرحلي ۾ ٻه بلين ڊالرن، ٻئي مرحلي ۾ 5 بلين ڊالرن جي برآمدن جو امڪان آهي.
سندس چوڻ هو ته ٽيڪسٽائل پارڪن سان 3 کان 5 لک ماڻهن کي روزگار ملندو، پارڪن جو بنياد هلندڙ سال جي آخر ۾ رکيو ويندو، جيڪي 3 سالن ۾ مڪمل ٿيندا، روئيي گروپ ڪراچي ۽ لاهور ۾ هڪ هڪ هول سيل ڪموڊيٽي مرڪز به قائم ڪندو.
You might also like