ڪراچي (رپورٽر) عوامي آواز ميرپورماٿيلي جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو آهي ته معاملي کي قبيلائي جهيڙي جو رنگ ڏئي فيصلو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان جو ڪو به قبائلي جهيڙو ناهي، قاتل ظاهر آهن. عوامي آواز سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اسان جي پرامن ريلي هئي جنهن تي شرپسند ڏنڊا، ڪهاڙيون ۽ لٺيون کڻي آيا ۽ ايف آءِ آر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان جا حوصلا بلند آهن، جيستائين قاتل انجام تي نه پهچندا تيستائين اسان سک سان نه ويهنداسين، پرامن آهيون ۽ پرامن رهنداسين. هن وضاحت ڪئي ته هو ڪراچي پيشي ۽ ڪم جي سلسلي ۾ آيا آهن ۽ هو ڳوٺ ڪڏهن به نه ڇڏيندا، قانوني جنگ جاري رکندا. يعقوب گڏاڻي، سياسي، سماجي، وڪيل اڳواڻن ۽ صحافي برادري جا ساٿ ڏيڻ ٿورا مڃيا ۽ اپيل ڪئي ته هو ساڻن سهڪار جاري رکن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته خوش نصيب آهيان جو منهنجو ڀاءُ عوامي آواز جو رپورٽر هو، اسان فخر سان چئون ٿا ته عوامي آواز اسان جي مالڪي به ڪئي.