سنڌ يونيورسٽي جي وي سي،ڊائريڪٽر فنانس ۽ سوٽا اڳواڻن کي عدالتي نوٽيس

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسئيشن پاران آڊٽ نه ڪرائڻ ۽ استادن جي تنظيم غير رجسٽرڊ ھجڻ تي داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت، سوٽا اڳواڻن، ڊائريڪٽر فنانس ۽ وائيس چانسلر تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ڊائريڪٽر فنانس، سوٽا جي صدر، سيڪريٽري ۽ خزانچي کي نوٽيس جاري ڪندي 4 ھفتن ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارشد حسين ۽ جسٽس ثنا منھاس اڪرم تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ۾ مسعود عباس پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته مون سميت سنڌ يونيورسٽي ۾ 500 کان مٿي استادن  جي پگھارون مان سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (سوٽا) پاران 300 رپيا سوٽا في جي نالي تي ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي. سوٽا پاران استادن جي ڀلائي لاءِ فنڊز گڏ ڪيا ويا پر گذريل 8 سال کان سوٽا جي فنڊس جي آڊٽ نه پئي ٿئي. جنهن تي اپريل مھيني 38 استادن پنھجي صحيحن سان سوٽا عملدارن، يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ڊائريڪٽر فنانس کي پڻ درخواستون ڏنيون پر ڪا به موٽ نه ملي ان ڪري عدالت پھتا آھيون. ان ڪري عدالت کان گذارش آهي ته سوٽا 8 سالن جي آڊٽ نٿي ڪري ته کڻي 5 سالن جي آڊٽ رپورٽ پيش ڪري استادن جو جمع ڪيل پئسو خرچ ڪٿي پيو ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.