صدر پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيحون ڪري ڇڏيون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيحون ڪري ڇڏيون، صدر جي صحيحن کانپوءِ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 2 جي ذيلي شق هڪ موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪميٽي ڪيس مقرر ڪندي، ڪميٽي چيف جسٽس، سينئير ترين جج ۽ چيف جسٽس طرفان نامزد ڪيل جج تي ٻڌل هوندي.
آرڊيننس ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 3 ۾ ترميم به شامل آهي جنهن موجب ٻڌڻي کان اڳ عوامي مفاد جا سبب ڄاڻائڻا پوندا.
ان کانسواءِ پريڪٽس اينڊ پروسيڪر ايڪٽ ۾ سيڪشن 7 اي ۽ 7 بي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، منظور ڪيل آرڊينسن جي سيڪشن اي تحت اهڙا ڪيس جيڪي پهريان داخل ٿيندا اِهي پهريان ٻڌا ويندا، جيڪڏهن ڪائي عدالتي بئنچ پنهنجي ٽرن جي خلاف ڪيس ٻڌندي ته ان کي سبب ڄاڻائڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.