اسپيڪر جي خط کانپوءِ پارٽي پوزيشن تبديل، قومي اسيمبلي مان پي ٽي آءِ جو وجود ختم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر طرفان اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط کانپوءِ پارٽي پوزيشن ۾ تبديل ٿي وئي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نئين پارٽي پوزيشن جاري ڪري ڇڏي، نئين پارٽي پوزيشن ۾ قومي اسيمبلي مان پي ٽي آءِ جو وجود ختم ٿي ويو، سمورن 80 ميمبرن کي سني اتحاد ڪائونسل جو ميمبر ظاهر ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ 39 ميمبر تحريڪ انصاف ۽ 41 آزاد ڊڪليئر ڪيا ويا هئا.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، نون ليگ، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ( ف ) کان واپس ورتل سيٽن جو به پارٽي پوزيشن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، نئين پارٽي پوزيشن 18 سپٽيمبر تي جاري ڪئي وئي آهي.
پڌرائي موجب، حڪومتي بئجز تي قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ نواز جون 110 ۽ پيپلز پارٽي جون 69 سيٽون آهن، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جون 80 ۽ ايم ڪيو ايم جون 22 سيٽون آهن.
نئين پارٽي پوزيشن موجب، جي يو آءِ (ف) ۽ آزاد اميدوارن جون 8-8 ۽ ق ليگ جون 5 سيٽون آهن.
ان کانسواءِ آءِ پي پي جون 4، پي ڪي ميپ، بي اين پي مينگل ۽ ايم ڊبليو ايم جي هڪ هڪ سيٽ آهي، هڪ آزاد اميدوار مسلم ليگ ن ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي.
سيڪريٽريٽ موجب، مسلم ليگ نواز کي 15، پيپلز پارٽي کي 5 ۽ جي يو آءِ (ف ) کي پنج مخصوص سيٽيون ڏنيون ويون هيون، پر مخصوص سيٽون ڳڻپ ۾ شامل نه آهن، قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جو انگ 23 مخصوص سيٽن کانسواءِ 313 آهي، خالي ۽ تڪراري 23 سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ کانپوءِ انگ 336 ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.