ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سڌ سماءُ ۽ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي پريميئم نمبر پليٽون جاري ڪرڻ لاءِ نيلامي ڪئي آهي ، جنهن ۾ سنڌ سرڪار کي 67 ڪروڙ رُپيا وصول ٿيا آهن .هن اها ڳالههسنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چئي. هن چيو تھ آئين ۾ ترميم ۽ قانونسازي ڪرڻ پارليامنيٽرينز جو ڪم آھي، اڄ بھ پيپلز پارٽي ۽ ٻيون پارٽيون چاھين ٿيون تھ جيڪي بھ آئيني ترميمون ڪرڻيون آھن اُھي سمورين پارٽين جي اتفاق راءِ سان ڪرڻيون آھن عمران خان جي دور ۾ نمبر پورا نھ ھجڻ باوجود قانونسازي ڪئي وئي، ھن چيو تھ آئيني ترميم کان ھڪ ڏينھن اڳ آرمي چيف ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف سوشل ميڊيا تي ڪريل قسم جي ٻولي استعمال ڪئي وئي صوبائي وزير چيو ته اسان وٽ اڪثريت ھوندي تھ اسان ترميم ڪنداسين ۽ اسان اُھي آئيني ترميمون عوام لاءِ ڪرڻ چاھيون ٿا تھ جيئن ڪنھن کي بھ ويهھ، پنجويھ ورھيه سالن تائين انصاف لاءِ عدالتن جا ڌڪا کائڻا نھ پون،هن چيو تھ پي ٽي آءِ اين آر او گھري رھي آھي ۽ حڪومت سان ڊيل ڪرڻ چاھي ٿي، پي ٽي آءِ بندوق ۽ بدمعاشي جي زور تي مطالبا مڃڻ جو چئي رھي آھي پر اسان نه مڃينداسين.