اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن آئيني ترميمن وارو بل پاس ٿئي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها.
پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته مولانا فضل الرحمان واضح چيو آهي ته اسان کي اِهو مسودو ناقابلِ قبول آهي، اعظم نذير تارڙ ۽ بلاول ڀٽو کي به مسودي بابت ڪا خبر ناهي.
هن چيو ته اسپيشل ڪميٽي ۾ حڪومتي عهديدارن ۽ سندن اتحادين جو ناڪاري ڪردار رهيو، اِهي سمورا ماڻهو ڪٺ پتلين جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هو چاهين ٿا ته پنهنجا هٿ پير ڪٽي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري ڇڏيون.
عمر ايوب چيو ته سموري صورتحال ۾ مولانا فضل الرحمان هاڪاري ۽ ساراهڻ جوڳو ڪردار ادا ڪيو، اهڙيون ٻيون ترميمون آيون ته ان جو پارليامينٽ اندر مقابلو ڪنداسين.
اپوزيشن ليڊر دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن اِهو بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها، آئيني معاملا سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ ٺاهي ڇو حل ناهن ٿيندا؟ آئيني عدالت جو جج صدر زرداري مقرر ڪري ها ۽ پنهنجي مرضي جا قانون ٺاهين ها، ڪنهن به قسم جي سپر عدالت قبول ناهي.
هن چيو ته آرٽيڪل8، 199 ۽ 200 سان گڏ 57 آئيني ترميمون ڪري رهيا، ڊرافٽ ڪنهن وٽ به نه هو، اسان وٽ به ڪنهن قسم جو مسودو نه هو ۽ نه ڏنو ويو، اسان کي رڳو ڪميٽي ۾ ويهاريو ويو، اسپيشل ڪميٽي ۾ حڪومتي ميمبرن وٽ اسان جي سوالن جو ڪو به جواب نه هو.
لاهور ۾ جلسي بابت عمر ايوب چيو ته لاهور وارو جلسو هر صورت ۾ ٿيندو، پي ٽي آءِ باني جو پيغام آهي ته لاهور جلسي لاءِ تحريڪِ انصاف ڪارڪن ڀرپور تياري ڪن، جلسو ضرور ٿيندو.
You might also like