اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيريءَ کي اسلام آباد جي اليڪشن ٽربيونل مان تبديل ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي ۽ اليڪشن ايڪٽ ترميمي آرڊيننس خلاف ڪيس جو محفوظ فيصلو ٻڌائيندي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي تبديل ڪرن وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو.
عدالت اليڪشن ڪميشن ڏانهن معاملو واپس اُماڻيندي ٻيهر فيصلي جي هدايت ڪري ڇڏي جڏهن ته عدالت رٽائرڊ جج شڪور پراچا کي اليڪشن ڪميشن ٽربيونل جو جج مقرر ڪرڻ وارو آرڊر پڻ ڪالعدم قرار ڏنو.
واضح رهي ته اسلام آباد جي تڪن لاءِ قائم اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي خلاف پي ٽي آءِ جي شعيب شاهين، عامر مغل ۽ علي بخاري درخواستون داخل ڪيون هيون.
You might also like