واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته علائقائي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان آمريڪا جا لاڳاپا اهم آهن.
آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ طرفان صدر جو بائيڊن کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون ويون.
ان موقعي تي آمريڪي صدر علائقائي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن کي اهم قرار ڏيندي چيو ته عالمي ۽ علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان سان گڏ آهي.
ملاقات دوران صدر بائيڊن دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ-آمريڪا سهڪار کي به ساراهيو.
پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ چيو ته پاڪ-آمريڪا اقتصادي ڀائيواري سندن ترجيح آهي، پاڪستان متبادل توانائي، گرين ٽيڪنالوجي 7 ٻين شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي.
You might also like