افغان قونصل جنرل جي وضاحت رد، قومي تراني جي بي حرمتي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي: پاڪستان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان قومي تراني جي احترام ۾ نه بيهڻ بابت افغان قونصل جنرل جي وضاحت رد ڪري ڇڏي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسرائيلي فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ جڙتو رياستي چونڊون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميرين جي اميدن موجب چاهي ٿو، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته وزيراعظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿيندو، جتي هو اجلاس جي سائيڊ لائينز تي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.
هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر سان به ملاقاتون ڪندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڪنهن به ميزبان ملڪ جي قومي تراني جي بيحرمتي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، افغان سفارتخاني جي وضاحت کي رد ڪن ٿا، جيڪو به سفارتي سطح تي موجود هجي ان کي پاڪستان جي قومي تراني جو احترام ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.