ووٽن جي سامهون فارم 45 جي ڪائي اهميت ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ بلوچستان اسيمبليءَ جي سيٽ پي بي 14 بابت پيپلز پارٽي جي اميدوار جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ بلوچستان جي صوبائي تڪ پي بي 14 ۾ ٻيهر ڳڻپ ۽ ريٽرننگ آفيسرن تي جانبداري جي الزامن بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
سپريم ڪورٽ پ پ اميدوار غلام رسول جي پي بي 14 ۾ ٻيهر ڳڻپ ريٽرننگ آفيسرن مٿان جانبداري جي الزامن واري درخواست رد ڪندي نون ليگ جي محمد خان لهڙي جي ڪاميابي کي برقرار رکيو.
ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل چيو ته 96 مان ست پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست داخل ڪئي، ان تي چيف جسٽس چيو ته درخواست گذار کي ڪيئن خبر پئي ته غلط نتيجو تيار ڪيو ويو؟ دٻا کلڻ کانپوءِ فارم 45 هجي يا 75 ان جي ڪائي اهميت ناهي.
جسٽس نعيم افغان چيو ته پريزائيڊنگ آفيسرن اصل رڪارڊ پيش ڪيو، اوهان ڪاپين تي ڪيس هلائي رهيا آهيو، درخواست گذار جي شاهدن پريزائيڊنگ آفيسرن جا نالا به غلط ٻڌايا ۽ پاڻ کي پولنگ ايجنٽ به ثابت نه ڪري سگهيا.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ کانپوءِ پ پ اميداور غلام رسول جي درخواست رد ڪندي نون ليگ جي اميدوار محمد لهڙي جي ڪاميابي کي برقرار رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.