پلاٽن جي ڪينسيليشن جو الزام، ڪراچي بار ايسوسيئيشن ڪوآپريٽيو هائوسنگ سوسائيٽي جو ردعمل اچي ويو

ڪراچي (پ ر ) ڪراچي بار ايسوسيئيشن ڪو آپريٽيو هائوسنگ سوسائيٽي جي چيئرمين حنيف ڪاشميري ۽ ٻين چيو آهي ته سوسائيٽي جي اڳوڻي خزانچي ۽ ٻين طرفان 82 پلاٽن جي ڪينسيليشن جو اعتراض اُٿاريو ويو آهي، اِهي پلاٽ نه ڪڏهن موجود هئا نه اِهي ورهايا ويا اِها ڳالهه اسان لاءِ قابلِ فخر آهي ته اسان ڪڏهن به ڪنهن الاٽمينٽ هولڊر جو پلاٽ نه ڪينسل ڪيو نه ئي ڪائي ڪارروائي ڪئي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حنيف ڪاشميري، انور قريشي، سلمان انصاري، غلام مصفطيٰ ڪٽپر ۽ ٻين چيو ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن ڪو آپريٽيو سوسائيٽي 1971ع ۾ قائم ٿي، جنهن کي ٽن سيڪٽر اي-24، اي-25 ۽ اي27 ۾ ٽوٽل رهائشي پلاٽس 1120 ۾ ورهايو ويو ۽ 1981ع ۾ قريه اندازي ذريعي وڪلين ۾ الاٽ ڪيو ويو.
هنن چيو ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن ڪو آپريٽيو هائوسنگ سوسائيٽي جي چيئرمين حنيف ڪاشميري چيو آهي ته سوسائيٽي جي ڪجهه رهواسين پاران 82 پلاٽن جي ڪينسيليشن جو اعتراض اُٿاريو ويو آهي اِهي پلاٽ نه ڪڏهن موجود هئا نه اِهي ورهايا ويا اِها ڳالهه اسان لاءِ قابلِ فخر آهي ته اسان ڪڏهن به ڪنهن الاٽمينٽ هولڊر جو پلاٽ نه ڪينسل ڪيو نه ئي ڪائي ڪارروائي آهي.
سندن چوڻ هو ته الزام تراشي ڪندڙ زيڊ.يو مجاهد ٻن کان ٽن سالن تائين سوسائيٽي ۾ خزانچي طور فرض انجام ڏيندو رهيو پر ان دوران هن 82 پلاٽن جو ذڪر ڪيو نه ئي انهن جو ڪو نمبر ظاهر ڪيو.
هنن چيو ته سوسائيٽي جو باظابطا هر سال انٽرنل آڊٽ ڪيو ويندو آهي ۽ ٻيو آڊٽ ڪو آپريٽيو ڊپارٽمينٽ ڪندو آهي جنهن طرفان سوسائيٽي کي اي گريڊ ڏنو ويو آهي، سوسائيٽي ۾ ترقي جي حوالي سان پارڪ، مسجد، بجلي، پاڻي گئس، سيوريج لائين، روڊ جي تعمير لاءِ ڪنهن ميمبر کان اضافي چندو حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ڄاڻايل رٿائون مڪمل ڪيون ويون، سمورن منصوبن جي افتتاح وقت چيئرمين حنيف ڪاشميري سان گڏ الزام لڳائيندڙ به شامل هئا، الزام لڳائيندڙن يتيم، مسڪين، ۽ بيواهه عورتن جا پلاٽ گهٽ قيمت ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ قبضو ڪري ورتو آهي، اسان تمام جلد سندن خلاف قانوني فورم تي الاٽي جي حقن لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪري رهيا آهيون ته جيئن سندن غيرقانوني سرگرمين جو خاتمو آڻي سگهجي .
هنن وڌيڪ چيو ته هن پريس ڪانفرنس ذريعي هو پروپئگنڊا ڪندڙڻ ماڻهن کي خبردار ڪري رهيا آهن ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن ڪو آپريٽيو سوسائيٽي جي موجودا چيئرمين، جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين ميمبرن خلاف بنا جواز ثبوتن جي غيرقانوني الزام لڳائڻ کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي الزامن جي ترديد پريس ڪانفرنس ذريعي ڪن ٻي صورت ۾ ميمبرن جي مشاورت سان سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.