جيڪب آباد ويجهو هٿياربندن هٿان واپاري اغوا، واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

جيڪب آباد (رپورٽ:  حضور بخش سومرو) جيڪب آباد ۾ ڏوهن تي ضابطو نه اچي سگهيو رات نامعلوم ڏوهارين تاجوديرو ۽ جهانواهھ ٿاڻن جي تڪراري حد شيرانپور جي پٿر موڙ وٽان هٿياربندن پاران رات دير سان  لاڙڪاڻي کان جيڪب آباد واپس ٿيندڙ صدام خاراني کان هٿيارن جي زور تي ڪار ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊرائيور گاڏي کڏي ۾ لاهي ڇڏيو جنهن بعد هٿياربند جيڪب آباد جي رهواسي گاڏي مالڪ صدام خاراني کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا بروقت واقعي جي اطلاع تي مغوي جا وارثن ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويا سندس ڪار روڊ ڀرسان پاڻي جي کڏي مان هٿ ڪيو ويئي جنھن بعد وارثن قومي شاهراھ زيرو پوائنٽ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مغوي جي  وارثن چيو ته  صدام حسين لاڙڪاڻي کان واپس جيڪب آباد اچي رهيو ته شيرانپور موڙ وٽ نامعلوم ڏوهارين اغوا ڪري ويا جنهن جو بروقت اطلاع تاجوديرو پوليس کي ڏنو ويو، جنهن حد نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي واقعي واري هنڌ کان اڳتي هلڻ جي زحمت نه ڪئي، ٻئي پاسي ايم پي اي ڳڙهي خيرو ممتاز خان جکراڻي جي فرزند زين خان جکراڻي ڌرڻي ۾ پهچي صدام حسين خاراني کي بازياب ڪرائڻ جو وارثن کي يقين ڏياريو ۽ ڌرڻو ختم ڪرائي چڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.