تاريخ جا پيرا کڻبا ته سماجن جي اڏاوتي بڻ بڻياد ۾ عورت سماج جي اڳواڻي ڪندي نظر اچي ٿي، تاريخ جا ورق زراعت جي شروعات جو اعزاز عورت جي کاتي ۾ لکن ٿا جتان ٿيندي زرعي سماج جو بنياد پيو، ماضي ۾ ڪنهن به خاندان ۾ فيصلن توڙي وسيلن جي ورڇ جو اختيار عورت کي هجڻ جي گواهي ملي ٿي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته انساني تهذيب جا بنياد عورت جي اڳواڻي ۾ رکيا ويا، جنهن کي بعد ۾ مرداڻي سماج جي اثرن ٻئي درجي جي حثيت ۾ آڻي بيهاريو آهي، جيئن ته شروع ۾ مرد شڪار ڪرڻ ۽ ڀڄ ڊڪ سبب جسماني طور وڌيڪ طاقت ور رھيو آھي، هن جي جسماني طاقت وڌيڪ ھجڻ جي ڪري هن آھستي آھستي عورت کي پٺتي ڌڪي سموري سماج تي غلبو حاصل ڪيو ۽ عورت کي گهر ۽ ٻني ٻاري جو پورهئي تائين محدود ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ سماج اڻ برابري جو شڪار ٿي ويو، تنهن هوندي به گهريلو هنر توڙي زرعي پورهيت جي شڪل ۾ عورت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اها صورتحال سموري دنيا ۾ نظر اچي ٿي، جنهن ۾ پيڙهجندڙ طبقن ۾ هيٺين پورهيت طبقي جي عورت وڌيڪ متاثر آهي، ڃاڪاڻ جو ان طبقي جي عورت جو استحصال وڌيڪ آسان ھو.
ان استحصال کي محسوس ڪندي 1857ع ۾ آمريڪا جي ٽيڪسٽائل ملن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن وڏو جلوس ڪڍيو ۽ مطالبو ڪيو ته انهن کان 16 ڪلاڪن جي بجاءِ 10 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي. ساڳئي ريت 1908ع ۾ آمريڪي عورتن ووٽ ڏيڻ لاءِ ھلايل جدوجھد لاءِ 8 مارچ کي عورتن جو ڏينهن قرار ڏنو، 1910ع ۾ سويت يونين جي ڪلارازين ڪن مطالبو ڪيو ته 8 مارچ کي عورتن جي عالمي ڏينهن طور تسليم ڪري ملهايو وڃي.
20 مارچ 1911ع ۾ جرمني ۾ آسٽريليا ۾ بادشاهت خلاف عورتن مظاهرو ڪيو ته کين ووٽ ڏيڻ جو ۽ برابري جو حق ڏنو وڃي، 1948ع ۾ ويٽنامي عورتن آمريڪي سامراج خلاف مظاهرو ڪيو. ان طرح 8 مارچ هڪ روايتي ڏينهن بجاءِ عورتن جو عالمي ڏينهن بڻجي ويو، اهوئي سبب آهي ته سڄي دنيا ۾ اهو ڏينهن سرڪاري توڙي خانگي طرح ملهايو وڃي ٿو، ايئن به ڪونهي ته ان کان اڳ عورتن اڻ برابري، استحصال ۽ مرادڻو ظالماڻي روين کي محسوس نه ڪيو. انهن نـ صرف اهو سلوڪ محسوس ڪيو پر ان جو اظهار مختلف طريقن سان ڪيو. جنهن لاءِ انهن قديم گيتن، نظمن، چوڻين، چترڪاري ۽ ڪلا جي مختلف ذريعن سميت ميسر وسيلا پڻ استعمال ڪيا. اھڙا ڪردار دنيا جي مختلف حصن ۾ نظر اچن ٿا جن جي مزاحمت جا اھڃاڻ سندن حوصلن جي چٽي ساک آھي، انھن مان ڪجهه غير معمولي عورتون جاگيرداري دور ۾ نمودار ٿيون جن ان وقت جا ميسر ذريعا ڳوليا ۽ پدرشاهي ڍانچي خلاف مزاحمتي اهڃاڻ ٿيون.
ميران ٻائي سنت انهن مان هڪ آهي، پر مخصوص حالتن جي ڪري محدود هئي ڪو رستو ڪڍڻ کان لاچار هئي جيڪو رستو عورت تي ٿيندڙ ظلم جو انت آڻي سگھي. گهڻن معاملن ۾ هن ان جو حل مذهب ۾ ٿي ڳوليو. ٻئي پاسي دنيا ۾ لبرلزم پڻ عورتازاد کي سھارو ڏنو. لبرلزم بحيثيت فلسفي جي مغربي جاگيرداڻي سماج جي ڪک مان پيدا ٿيو ڇو جو بورجوازي طبقو طاقت ۾ اچڻ لاءِ جاکوڙي رهيو هو پر هي طبقو اجتماعي جدوجهد جي بجاءِ شديد انفراديت تي بيٺل هو، بورجوازي طبقي جون عورتون، عورتن جي برابري واري هن تحريڪ ۾ اڳيان اڳيان هيون پر انهن پورهيت طبقي جي عورتن جي حقن سميت پورهيت طبقي جي عورتن جي سوال کي اڳيان نه وڌايو اهڙن ئي روين جي ڪري ان جدوجھد جي پسمنظر ۾ لبرلزم پنهنجو ترقي پسند ڪردار وڃائي ڇڏيو، پدرشاهي معيارن ۽ قاعدن عورت جي استحصال کي وڌائڻ ۽ سندس پورهئي جي اهميت کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
پاڪستان ۾ صنفي برابري جي جدوجھد روز اول کان ڪنهن نـ ڪنهن شڪل ۾ رھندي آئي آھي پر عورتن جو عالمي ڏينهن 8 مارچ ملهائڻ جو سلسلو 2018 ۾ شروع ٿيو. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ عورت مارچ متعلق هميشه اهو چيو ويندو آهي ته هي عام عورت جي ترجماني ٿيون ڪن پر حقيقت ان ڳالھه کان ڪجهھ مختلف آهي، اھا ڳالهھ محسوس ٿيڻ لڳي آھي ته وڏن شھرن ۾ عورتن جي حقن ۽ صنفي برابري لاءِ روڊن تي ايندڙ ايليٽ ڪلاس جون عورتون گھڻي ڀاڱي عام عورت جي ترجماني نٿيون ڪن، جڏهن ته عورت مارچ تحريڪن جو مطلب ئي اهو آهي ته عورتن جي حقن جي بحالي، شعور ۽ آگاهي ڏين، برابري جي بنياد تي انهن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي حق ڏيارين، انهن کي موقعا ڏين. هي تحريڪون قومي ۽ عالمي سطح تي سماجي شعوري تبديلين لاءِ وجود ۾ آيون، سنڌ ۾ به هزارين پورهيت عورتن جو استحصال ٿئي ٿو انهن کي سندن محنت جو اجورو تمام گهٽ ملي ٿو گهريلو عورت نه صرف بغير ڪنهن اجرت جي سڄو ڏينهن گهر، ٻارن ۽ چوپائي مال جي سار سنڀال کانپوءِ به تشدد جو شڪار رهي ٿي، هزارن جي تعداد ۾ نياڻيون تعليم کان محروم آهن، هيٺين ۽ وچين ڪلاس جي عورت اڻ برابري سبب معاشي طور ڪمزور ۽ تشدد جو شڪار رهي ٿي،پر سندن مناسب نمائندگي ٿيندي نظر گھت ٿي اچي.
سنڌ ۾ امر سنڌو، عرفانه ملاح، عائشـ ڌاريجو ۽ سندن سٿ ڪنهن حد تائين پٺتي پيل ۽ پيڙھيل عورت جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿيون باقي سڀ ايليٽ ۽ اپر ڪلاس جي عورتن جو 8 مارچ تي اسٽيجن تي سڄو ڏينھن مائڪن تي کڳيون ھڻڻ کان سواءِ ڪو ڪم نٿو ڏسجي جتي هو هيٺين ۽ وچين طبقي لاءِ نڙي ڦاڙي رڙيون ڪنديون آهن ۽ عورت عورت، نسائي نسائي جو ورد ڪندي واڳون وارا لڙڪ هارينديون آهن. اسان جيڪڏهن لائبيريا جي عورتن جو مثال وٺون ته هنن ڪيئن گهرو ويڙھ جو خاتمو آندو، جنهن ملڪ ۾ لاڳيتو 15 سال گهرو ويڙهه هلندي هجي، حڪومت ۽ باغين وچ ۾ هلندڙ ڇتي ويڙھ دوران هزارين ماڻهن کي ملڪ بدر ٿيڻو پيو هجي، انهن جي اکين اڳيان انهن جي ڌيئرن جون عصمتون لٽيون ويون هجن، مائرن جي اکين اڳيان انهن جا جوان پٽ قتل ڪيا ويا هجن، ان ويڙھ ۾ 2 لک ماڻهو قتل ٿي چڪا هجن هزارين عورتون جنسي ڏاڍائي جو کاڄ ٿيون ۽ عورتن کي اغوا ڪري وڪرو ڪرڻ جو رواج عام ٿي ويو انهن حالتن ۾ اتان جي عورت اٿي ۽ جدوجھد جو آغاز ڪيو ۽ ”بس هاڻي گهڻو ٿيو“، جو نعرو هڻي لائبيريائي عورت جدوجهد دنيا لاءِ مثال بڻجي وڃيوئي، جتان جي عورت اهڙي قسم جي حالتن ۽ ظلم جي ڪاري رات آڏو آواز بلند ڪري ٿي، ظالم صدر چارلس ٽيلر جي ٿيندڙ ظلم ۽ خونريزي جو خاتمو آڻڻ لاءِ ميدان تي نڪري سچ جو علم بلند ڪيو، هن تحريڪ کي منظم ڪندڙ ڪرسٽل روح گائوڊنگ ۽ ٻين سماجي ڪارڪن، جن ۾ ليماھ بوئي ۽ ڪمفارٽ فريمين جهڙيون دلير عورتون شامل رهيون هن تحريڪ جي شروعات ۾ هزارين عورتون هڪ مڇي مارڪيٽ اڳيان گڏ ٿي مجموعي طور عبادت ڪرڻ قومي گيت سان ڳائڻ وڄائڻ جهڙين سرگرميون ڪرڻ روز جو معمول بڻائي ڇڏيو، هڪ مهيني تائين اهو عمل جاري رکيو، جنهن ۾ هزارين مسلمان، عيسائي توڙي ھر طبقي سان لاڳاپيل عورتون ٻاهر نڪري آيون. ان مظاهري ۾ 40 هزار عورتن حصو ورتو، انهن عورتن جي عملي جدوجهد جي نتيجي ۾ رياست جي اهم عهدي تي هڪ عورت جونسن مرلين کي منتخب ڪيو ويو، عورتن جي امن تحريڪ جي سربراهه ليماھ جوئي کي عالمي مڃتا ملڻ لڳي 2011 ۾ کيس عالمي نوبل انعام سان نوازيو ويو،
اسان جيڪڏهن عورت جدوجهد کي ڪامياب ڪرڻ چاهيون ٿا ته هر طبقي جي عورت کي برابري جي بنياد تي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ انتھائي ضروري آھي. هيٺين طبقي جي اڻ پڙهيل عورت، پورهيت عورت کي پاڻ سان سلهاڙي گڏ گڏ هلڻو پوندو. ڳوٺاڻين عورتن ۾ اصلاحات لاءِ آگاهي مهم هلائڻي پوندي. سنڌ ۾ عورت جو قتل، عورت ھراسمنٽ، عورتن سان جنسي ڏاڍائي، عورت تي تشدد ۽ سنڌ م عورت سڱ چٽي به تقريبن روز جو معمول بڻيل آھي. اڄ به هزارين عورتن کي سندن پورهئي جو پورو اجورو نٿو ملي. اڄ به سنڌ ۾ هزارين نياڻيون اسڪولن کان ٻاهر آهن، اڄ به ننڍي عمر جي نياڻين جي شادي عام جام ٿئي ٿي. انهن سڀني مسئلن جي حل لاءِ ملڪ ۾ انيڪ قانون جڙيل آهن پر عمل نٿو ٿئي ان ڪري جيئن جو تيئن عورت ڀوڳي پئي،انهن سڀني مسئلن تي وڏي پيماني تي منظم جدوجهد جي ضرورت آهي،پر اها جدوجھد ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي جنهن ۾ طبقاتي فرق رکيو وڃي، ڇو ته گهڻي ڀاڱي انهن حالتن مان مڊل ڪلاس ۽ هيٺيون طبقو گذري ٿو، انهن کي نظر انداز ڪري آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ايليٽ اپر ڪلاس جون عورتن لاءِ سال ۾ هڪ ڏينهن فيشن شو انٽرٽنمنٽ کان سواءِ ڪا لاڀ نه ڏيندو نه ئي ڪا اهيمت رکي ٿو.