سنڌ ڌرتي ۽ مزدور تحريڪ جي هي امر ڪردار عثمان غنيءَ ڪراچي جي قديم علائقي چنيسر ڳوٺ ۾ جنم روتو ۽ پنهنجي سڄي ڄمار ان ئي علائقي ۾ گذاري. نوجوان عثمان غني پنهنجي عملي زندگي جي شروعات مسلم ڪمرشل بينڪ جي ملازمت مان ڪئي، ان سان گڏو گڏ هو پنهنجي سياسي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي سان سلهاڙيل رهيو. مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ ٽريڊ يونين تحريڪ ۾ سرگرم ٿيو ۽ جلدي ئي هو ملازمن جي حقن جو چيمپئن بڻجي ويو ۽ کيس سي بي اي يونين جو صدر چونڊيو ويو.
عثمان غني ان ڪاميابي کان پوءِ ڪڏهن به ورچي نه ويٺو، هو سدائين ميدان عمل ۾ سرگرم رهيو. هو پنهنجي اداري جي ٽريڊ يونين فيڊريشن جو مرڪزي اڳواڻ به رهيو. کيس پاڪستان بنڪس امپلائزفيڊريشن، جنهن جو شمار 1970ع کان 1990ع جي ڏهاڪن ۾ پاڪستان جي ملڪي سطح جي وڏي مزدور تنظيم ۾ ٿيندو هو، جو ڊپٽي ڊائريڪٽر چونڊيو ويو، اهڙي ريت هو پنهنجي خداداد صلاحيتن جي بدولت ڪاميابيون ماڻيون ۽ پاڪستان مزدور تحريڪ ۾ نهايت ئي سرگرم رهيو.
عثمان غني ايم سي بي بينڪ جي ملازمن جي حقن لاءِ ۽ سندن روزگار جي تحفظ لاءِ بي مثال ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ قربانيون پڻ ڏنائين. ان سلسلي ۾ کيس ڪيترائي ڀيرا گرفتار به ڪيو ويو.
کيس پهرين گرفتاري ان وقت عمل ۾ آئي جڏهن هو بينڪ جي هيڊ آفيس جي اڳيان واقع هال ۾ هڪ احتجاجي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو، پوليس جلسي تي چڙهائي ڪري لٺبازي ڪندي اسٽيج تان ئي عثمان غني کي گرفتاري مٿس ڪيس داخل ڪري کيس جيل اماڻي ڇڏيو. ان کان پوءِ گرفتارين جو سلسلو تقريبن سندس شهادت تائين جاري رهيو.
شهيد عثمان غني جي آخري گرفتاري نواز شريف جي پهرين دور 1991ع ۾ ان وقت عمل ۾ آئي جڏهن پاڪستان جون ڪيئي مزدور تنظيمون اي پي سي اِي ڊبليو اي سي جي نالي تي ادارن کي خانگائڻ جي خلاف هڪ ملڪ گير اتحاد قائم ڪيو ۽ پاڪستان جي سڀني صنعتي ادارن جي ملازمن هڪ ڏينهن علامتي پر مڪمل هڙتال ڪئي. ان ڪامياب هڙتال ڪرڻ تي شهيد عثمان غني کي سندس آفيس ايم سي بي هيڊ آفيس جڏهن ته مون کي (حبيب الدين جنيدي) ٻن ڏينهن کان پوءِ ميڪلوڊ روڊ تي ان جلسي دوران گرفتار ڪيو ويو، جيڪو عثمان غني جي گرفتاري جي خلاف سمورن بينڪ جي ملازمن گڏيل طور تي رٿيو هو. گرفتاري کان پوءِ اسان کي ڪراچي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو هو ۽ اسان کي ان وقت آزاد ڪيو ويو هو جڏهن نواز شريف جي حڪومت ايم سي بي بينڪ کي وڪرو ڪري ڇڏيو هو.
شهيد عثمان غني جي زندگي جا گهٽ ۾ گهٽ ٽي پهلو اهم هئا. هو ملڪ جو هڪ وڏو مزدور اڳواڻ هو، هن پنهنجي سڄي ڄمار مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري ڇڏي، سندس شمار پاڪستان جي پيپلز پارٽي جي انتهائي وفادار ۽ مخلص اڳواڻن ۾ ٿيندو هو، جنهن کي محترمه بينظير ڀٽو جو قرب ۽ شفقت جو اعزاز حاصل هو. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته پيپلز ليبر بيورو جي تنظيم قائم ڪرڻ لاءِ شهيد بينظير ڀٽو کي قائل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار به شهيد عثمان غني جو ئي هو. هو هڪ سماجي ڪارڪن به هو، جيڪو پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ هميشه جاکوڙ ڪئي، اهو ئي سبب آهي جو ڳوٺاڻا اڄ به کيس ياد ڪري پنهنجي ڳوڙها روڪي ناهن سگهندا.
هن عظيم مزدور اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن کي قاتلن مٿس گولين جو مينهن وسائي کيس 17 سيپٽمبر 1995ع تي ان وقت قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن هو پنهنجي گهر مان آفيس وڃڻ لاءِ نڪتو ته پل جي ويجهو تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن مٿس هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.
تاريخ جو سفر به عجيب ۽ غريب رخ اختيار ڪندو آهي،عثمان غني جي قاتل ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي اها خوشفهمي هئي ته هنن هڪ گل کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي پر کين اها خبر نه هئي ته هڪ ڏيئي جي باهه مان ٻيو ڏيئو به ٻرندو آهي.
عثمان غني ته پنهنجي ڀرپور زندگي گذاري آخرت جي سفر تي روانو ٿي ويو پر ان جي لائق فرزند سعيد غني پنهنجي عظيم والد جي نقش قدم تي هلندي ان ڪٺن ۽ ڪنڊن سان ڀريل راهه جي چونڊ ڪئي آهي.سعيد غني جو ڳاڻيٽو انهن ماڻهن ۾ ڪيو وڃي ٿو، جن نوجواني ۾ ئي سياست جي ميدان ۾ قدم رکي پاڻ مڃايو. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات بلدياتي سياست مان ڪئي، ڏسندي ئي ڏسندي هو سينٽ آف پاڪستان جو سينٽر مقرر ٿيو ۽ هن بعد ۾ پاڻمرادو سينٽر شپ ڇڏي ڏني. هو پنهنجي تڪ تان ٻه ڀيرا وڏي اڪثريت سان چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبيلي جو ميمبر بڻيو، هو وزير محنت ۽ وزير تعليم جو ذميواريون پڻ نڀايون ۽ هِن وقت هو وزير بلديات آهي.