عالمي شھرت ماڻيندڙ، برطانيا سان تعلق رکندڙ لسانيات جي ماھر، ڊيوڊ ڪرسٽل مطابق ھر چوڏھين ڏينھن ھڪڙي ٻولي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪريو وڃي. ڄڻ ان ٻوليءَ کي ڳالهائيندڙ ڌرتيءَ تي موجود آخري شخص جي وفات ٿيڻ سان ٻوليءَ جي وفات ٿئي ٿي. يا وري ان ٻوليءَ ڳالهائيندڙن جو نئون نسل آهستي آهستي پنھنجي ماءِ ٻولي، ان جي لِپي، نج پج لھجيَ وغيرہ سان پنھنجي محبت، انسيت ۽ واقفيت کان پاسيرو ٿيو وڃي ۽ ائين آخرڪار اھا ٻولي ختم ٿي وڃي ٿي. ان صورتحال آڏو عالمي سطح تي رونما ٿيندڙ مختلف تبديلين جي اثر ھيٺ ڪنھن به قوم لاءِ پنھنجي اصلوڪي رنگ روپ کي زندہ رکڻ ھڪ تمام وڏو چيلينج بڻيل آھي.
ان ڏس ۾ سنڌ، جيڪا شاھوڪار ورثي ۽ روايتن جي سرزمين آھي، موجودہ دور ۾، ٻين ڪيترن ئي مقامي مسئلن سميت گلوبلائيزيشن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ ڪارڻ اھم عالمي مسئلن جي ور چڙھيل آھي. جن سنڌي سماج ۾ روايت ۽ جديديت جي حامين کي ڌار ڌارائن ۾ هڪٻئي آڏو بيھاريو آھي. ڪنھن به قوم جي جياپيَ لاءِ ان جي تھذيب، تمدن، ثقافت ۽ ان ۾ به خاص طور تي ٻوليءَ کي ڪرنگھي جي حيثيت حاصل آھي. اھا ڳالهه به روزِ روشن جيان عيان آھي ته تاريخ کي لوڪ داستانن يا لوڪ ڪھاڻين ۾ ھڪٻئي ڏانھن نسل در نسل منتقل ڪيو وڃي ٿو. اھي ئي لوڪ ڪھاڻيون ڳاھن، ڳيچن ۽ شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ پڻ گھڻو عرصو ۽ گھڻو پري تائين سفر طئي ڪن ٿيون. صوفي ڪلام، ڪافيون، وايون ۽ بيت پڻ لوڪ ڪچھرين جو حصو رھيا آھن. ۽ انھن کي موسيقيءَ ۾ پيش ڪرڻ جا به پنھنجا خاص اصلوب آھن جيڪي لوڪ سازن ۽ راڳن جي صورت ۾اڳتي منتقل ٿيندا پئي آيا آھن. امڙين جي لولين جو فرحت بخش سرور ھجي يا صوفين بزرگن جي ڪلام ۾ الھامي پيغام، لاڏا سھرا ھجن يا وري ڪي لوڪ ڪھاڻيون.
سنڌي موسيقيءَ ۾ اڄ به ڪيترائي اسم اھڙا آھن جن جي موجد جي خبر ناھي بس اھي لوڪ ڌن ۽ لوڪ موسيقي جي صورت صدين کان ڳائجندا پيا اچن. اھڙي شاھوڪار ٻولي ۽ ورثي سان مالامال سنڌي موسيقي ويجھي ماضيءَ ۾ اھڙو دور به ڏٺو جڏھن ڀارتي فلمن جا گيت اڃا رليز مس ٿيندا ھئا ته ان ڌن تي سنڌي شاعري ڳائي البم مارڪيٽ ۾ آندا ويندا ھئا جيڪي ڪيسٽون ھوٽلن، بسن، ٽريڪٽرن توڙي جو گھرن ۾ به وڄنديون ھيون. ھا ! ھڪ مخصوص طبقي ان تي ضرور اعتراض اٿاريو پر وقت جي وھڪري ۾ ڪيتريون ئي ڪيسٽ ڪمپنيون عروج ماڻڻ ۽ فنڪار مال ميڙڻ ۾ مشغول رھيا. اوچتو ئي وري ھڪ تازي ھوا جي جھوٽي مثل سنڌي ٻوليءَ جي وارثن کي پنھنجا ٽي وي چينل مليا. مونکي ياد آھي ته ڪشش ٽي وي تان نشر ٿيندڙ منھنجي پروگرامن رنگن ڀري دنيا، سرن ورکا ۽ انداز بيان ۾ ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ جي تنبيهھ ھوندي ھئي ته اھڙو ڪو ڪلام فرمائش ۾ شامل نه ڪجي جيڪو ڪنھن ڀارتي گاني جي ڪَٽِ يا سڌي ڪاپي ھجي. نيون ڌنون نئين شاعري يا وري پراڻن سنڌي گيتن کي ريمڪس ڪيل گيت ئي نشر ڪيا ويندا ھئا. ان سلسلي ۾ به ھڪ حلقي کي اھو ضرور اعتراض رھيو ته اھو ريمڪس رنگ اصلي ڳايل گيت ۽ ان جي فنڪار جي محنتن کي خراج پيش ڪرڻ بدران بدسلوڪي آھي.
بحرڪيف وري به ان تنقيد جي ڪنٽار ڪنديَ ريمڪس، ميش اپ ۽ ڊي جي مڪس وغيرہ جي صنفن کي جديد موسيقيءَ ۾ شمار ڪيو ويو ۽ ان جدت کي سنڌي موسيقي ۾ شامل ڪندڙن وسان نه گھٽايو. ڪڏھن ڪمال ڪاريگريءَ جا جوھر ته ڪڏھن آڏا ڦڏا تجربا ڪري مڙئي ھڻي وڃي ھنڌ ڪيئون. اڄ جي تاريخ ۾ وري سنڌي موسيقي ريپ صنف جو اثر قبول ڪندڙن سنڌي نوجوانن جي تجربن جي وَر چڙھيل آھي. اڄ جو اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي جو شاگرد ريپ موسيقيءَ جو مداح آھي. اسان اھو ڏسي پسي چڪا آھيون ته اھو نوجوان جنھن تي اھا تنقيد ڪئي وئي ته ھو سنڌي ٻوليءَ کان پرڀرو ٿيندو وڃي جڏھن کيس ان جي نمائندا ڪلاڪار ڀٽائي پنھنجي انداز ۾ ٻڌايو ته اھي ڀٽائي به ٻڌڻ آيا. نوجوان راڳي سيف سميجو اھڙي ڪامياب تجربي جي بانيڪارن ۾ شامل آھي.
منھنجو ذاتي خيال آھي ته سنڌ جي موسيقيءَ جي منظرنامي ۾ اھا هڪ قابلِ ذڪر تبديلي آئي آهي. دورِ حاضر جي موسيقي جو رنگ ۽ اليڪٽرانڪ سازن سان اسانجي روايتي سنڌي راڳن ۽ سازن جي ميلاپ سان هڪ بنهھ نئون رنگ سامھون اچي سگھي ٿو. اھڙا تجربا ڪراچيءَ جي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، لاھوتي ميلي، حيدرآباد ادبي ميلي، لطيف شناسي ميلي ۽ ٻين اسٽيجن تي ٿيندا رھن پيا. نوجوان فنڪار ۽ موسيقار مختلف تجربا ڪري رهيا آهن. جن جي پذيرائيءَ سان گڏ رھنمائيءَ جي شديد ضرورت آھي. جيڪر مصنوعي ڏاھپ ڏانھن مائل اڄ جي نسل کي پنھنجي اصلوڪن رنگن سان رڱڻو آھي ته انھن جي ڳالهه ۽ انداز کي به ٻڌڻو پوندو. کين پنھنجو ڪرڻ کان اڳ، سندن ٿيڻو پوندو. اڄ جي بين الاقوامي ميڊيا پڻ انھن جي راڳ کي ترجيح ڏيئي رھي آھي. بي بي سي سميت نشرياتي ادارا سنڌي موسيقي ۾ ان نواڻ ۽ جدت تي اسٽوريز ڪري رھيا آھن. سنڌ جي ادبي ۽ علمي حلقي کي ان بابت پنھنجائپ وارو رويو اختيار ڪري سندن شاعري، لھجي، تلفظ يا ٻين ڪمين پيشين ڪوتاھين جي اصلاح ڪرڻ کپي ته جيئن تاريخ جو حصو بڻجندڙ ھي رنگ مقبوليت ماڻي سگھي يا نه پر ان ۾ ٻوليءَ سان لاڳاپيل چُڪون تاريخ جو حصو نه ٿين.
سوشل ميڊيا جي ڪري موسيقارن کي پنهنجي صلاحيتن کي عالمي سامعين آڏو ڏيکارڻ جو موقعو ملي رھيو آهي. هن نئين اظهار کي جاگرافيائي حدن ۽ روايتي رڪاوٽن کي پار ڪرڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو آهي. ٽڪ ٽاڪ تي ”منھنجو يار مون سان وفادار آھي“ مشھور ٿيو آھي ته تڏھن ئي اڄ جي نسل تائين پھتو آھي. اھڙا اڄڪلهھ بيشمار مثال موجود آھن. جن جو تعلق موسيقيءَ جي ھر صنف سان آھي. قلندر، سچل ۽ ڀٽائيءَ جي اسٽيج تي يڪتارو ۽ گيڙو ويس آھي ته جينز ۽ گٽار پھريل نوجوان به ھجي جيڪو ڀٽائيءَ جي ڪلام کي پنھنجي اصلوب سان ڳائي سگھي. سنڌ جو نوجوان موسيقيءَ جي نون لاڙن کي ڪتب آڻينديَ پنھنجي ئي ٻوليءَ ۾ اظھارڻ گھري ٿو ڇا ايتري ڳالهه گھٽ ۾ گھٽ اھا تسلي نه ٿي ڏي ته اسان جو نوجوان پنھنجي ٻوليءَ سان ڳنڍجي رھڻ چاھي ٿو ته پوءِ ڇو نه ان تي بي تُڪي تنقيد بدران شفقت، محبت ۽ اصلاح وارو انداز رکجي