پاڪستان اي گورننس انڊيڪس ۾ پهريون ڀيرو اعليٰ ڪيٽيگري ۾ شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي اي گورنمينٽ انڊيڪس ۾ پاڪستان 14 درجا بهتري سان اي گورنس ۾ 136 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
گڏيل قومن جي اي گورنس بابت ملڪن جي درجابندي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پاڪستان اي گورنمينٽ ڊيولپمينٽ انڊيڪس ۾ پهريون ڀيرو اعليٰ ڪيٽيگري شامل ٿيو ۽ 14 درجا بهتري سان اي گورننس ۾ 136 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
دستاويز موجب، ٻه سال اڳ 2022 ۾ پاڪستان جو اي گورننس انڊيڪس 150 هو، پاڪستان گڏيل قومن جي اي پارٽيسپيشن انڊيڪس ۾ 88 هين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته ٻه سال اڳ پاڪستان اي پارٽيسپيشن ۾ 106 هين نمبر تي هو.
دستاويز موجب، پاڪستان جي اي پارٽيسپيشن ويليو ۾ به بهتري آئي آهي ۽ اي پارٽيسپيشن ويليو 0 ڏهائي 36 مان وڌي 0 ڏهائي 49 تي پهچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.