اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءَ تارڙ چيو آهي ته في الحال اِهو ئي نظر اچي ٿو ته ايندڙ چيف جسٽس منصور علي شاهه هوندو.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته آئيني مسودي کي شڪي بڻايو پيو وڃي، ڊرافٽ ۾ قانون وارو وزير، سندس ٽيم ۽ اٽارني جنرل شامل هئا.
هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان هاڪاري انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، مولانا صاحب جي ٽيم وٽ مسودو موجود هو.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته آئيني عدالت کي هيڊ ڪرڻ بابت اڃا تائين ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، اِهو تاثر ڏيڻ درست ناهي ته آئيني ترميم جو ڊرافٽ ڪنهن ٻئي پاسي کان آيو آهي.
You might also like