پشاور (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن طرفان پي ٽي آءِ باني عمران خان سان وفاداري جا وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا.
وڊيو بيانن ۾ اسيمبلي ميمبرن عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف سان مڪمل وفاداري نڀائڻ جي خاطري ڪرائيندي نظر آيا.
جن ميمبرن هنيئر تائين وڊيو بيان جاري ڪيا انهن ۾ شير علي ارباب، شاندانه گلزار، آصف خان ۽ ٻيا اسيمبلي ميمبر شامل آهن.
اسيمبلي ميمبرن پنهنجي بيانن ۾ چيو ته پارٽي طرفان ملندڙ هدايتن تي عملدرآمد ڪيو ويندو ۽ هر صورت ۾ پي ٽي آءِ بانيءَ جو ساٿ ڏينداسين.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پارليامينٽ جي اجلاس جي موقعي تي اِهو خبرون سامهون آيون هيون ته پي ٽي آءِ جي ڪجهه اسيمبلي ميمبرز حڪومت طرفان پيش ڪيل آئيني ترميمي بل جي حق ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهن ٿا جنهن کانپوءِ پارٽيءَ سان وفاداري جا بيان اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو.
You might also like