ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت ڪراچي جي روڊن جي مرمت ۽ تعمير لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل روڊن جي مرمت بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ترقياتي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير ناصر شاهه، مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني ۽ چيف سيڪريٽري سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ ڪراچي ۾ برساتن دوران متاثر روڊن جي مرمت لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي منظوري ڏني وئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته شهر جي ستن ضلعن ۾ روڊن جي پيچ ورڪ جي ضرورت آهي.
اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي جي روڊڻ جو سروي ڪري رهيا آهيون، سروي ۾ اِهو به معلوم ڪري رهيا آهيون ته اِهي روڊ ڪڏهن خراب ٿيا.
ان موقعي تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته تعمير ۽ مرمت ٿيل روڊ جيڪڏهن وقت کان اڳ خراب ٿيا آهن ته جاچ ڪئي وڃي.
هن چيو ته اها انڪوائري ڪئي وڃي ته اهي روڊ ڪنهن ٺاهيا ۽ ڇو خراب ٿيا، جنهن به روڊن جو ناقص ڪم ڪيو، ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
سنڌ حڪومت پاران ڪراچيءَ جي روڊن جي مرمت ۽ تعمير لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي منظوري
Prev Post
You might also like