مسلسل واڌ بعد سون اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ سون جي اگهن ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ اڄ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون ٽي سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 67 هزار 7 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 257 رپيا لاٿ بعد 2 لک 29 هزار 510 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 18 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2 هزار 569 آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.