بالي ووڊ ۾ فنڪارن جوڙن جي شادي هاڻ معمول بڻجي چڪي آهي پر انڊسٽريءَ ۾ اڃا به اهڙا اداڪار موجود آهن جن جيون ساٿي انوکي انداز ۾ ڳوليا آهن.
اهڙن اداڪارن ۾ پنڪج ترپاٺي به شامل آهيجيڪو پنهنجي ور اسٽائيل اداڪاري سبب بالي ووڊ ۾ الڳ سڃاڻپ ٺاهي چڪو آهي.
پنڪج ترپاٺي جي بالي ووڊ نگري ۾ جدوجهد جي ڊگهي داستان رهي آهي ۽ هاڻ هو فلمن جي ڪاميابي جي ضمانت سمجهيو ويندو آهي، هن 2004 ۾ شادي ڪئي ۽ کيس هڪ نياڻي هو اولاد پڻ آهي.
پنڪج ترپاٺي مشهور ڀارتي شو ” ڪون بني گا ڪروڙ پتي “ ۾ پنهنجي شادي بابت تفصيلي ويچار ونڊيا جنهن جي وڊيو ڪلپ تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن هن پنهنجي پريم ڪهاڻي بابت دلچسپ واقعو ٻڌايو.
هن ٻڌايو ته ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن دوران ٽرين ۾ سفر ڪري رهيو هئس ۽ مٿي برٿ تي ويٺو هئس هيٺ لاڳاپيل برٿ تي هڪ ناريءَ کي ماءُ سان گڏ ويٺل ڏٺم، گهرواري مري دولا سان اِها منهنجي پهرين ملاقات هئي.
سندس چوڻ هوته ان سفر دوران ئي ساٿي مسافرن تبصرو ڪيو ته هي اوهان جو پرفيڪٽ ميچ آهي، ان تي گهرواري ڏاڍو کِلي هئي، ان واقعي کانپوءِ ئي مون ۾ وڌيڪ اعتماد اچي ويو هو.
پنڪج ٻڌايو ته 2004 ۾ شادي کانپوءِ گهرواري ڪيريئر جي مشڪل ترين ڏينهن ۾ ڏاڍو ساٿ ڏنو ۽ مالي طور به مدد ڪندي هئي.
واضح رهي هت پنڪج ترپاٺي جو فلمي سفر 2003 ۾ شروع ٿيو پر کيس شهرت 2012 ۾ رليز ٿيندڙ فلم ” گينگز آف واسيپور “ ذريعي ملي جنهن کانپوءِ هن پوئتي مڙي نه ڏٺو ۽ هڪٻئي پٺيان ڪيئي ڪامياب فلمون ڏنيون.
You might also like