موڪي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت، چين کي زير ڪري پنجون ڀيرو ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي جو ٽائٽل کٽي ورتو .
ڀارتي هاڪي ٽيم ميزبان چين کي ايشين هاڪي چيمپيئنز ڪپ جي آخري دنگل ۾ 1-0 تان مات ڏئي گولڊ ميڊل کٽي ورتو.
موڪي ۾ کيڏيل فائنل مقابلي ۾ دفاعي چيمپيئن ڀارت طرفان ميچ ۾ واحد گول جگراج سنگهه ڪيو، اهڙي ريت ڀارت پنجون ڀيرو ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي کٽي ورتي.
واضح رهي ته ان کان اڳ ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ڏکڻ ڪوريا کي شڪست ڏئي ٽين پوزيشن حاصل ڪري برانز ميڊل پنهنجي نالي ڪيو هو.
You might also like