ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست اولهه بئنگال جي راڄڌاني ڪولڪتا ۾ ڊاڪٽرياڻي سان زيادتي ۽ قتل واري واقعي کانپوءِ ڪولڪتا جي پوليس سربراهه سميت ٽن اعليٰ سرڪاري عهديدارن کي برطرف ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، برطرف ٿيندڙن ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز ۽ ڊائريڪٽر ميڊيڪل ڪاليجز پڻ شامل آهن.
واضح رهي ته ڪولڪتا جي سرڪاري اسپتال مان نوَ آگسٽ تي ٽريني ڊاڪٽرياڻي جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو هو، لاش جي پوسٽ مارٽم کانپوءِ عورت ڊاڪٽر سان زيادتي جو به انڪشاف ٿيو هو.
واقعي کانپوءِ ڪولڪتا سميت سڄي ملڪ ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي طرفان احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي.
ڀارتي رياست اولهه بئنگال جي وزيراعليٰ ممتا بئنرجي گذريل ڏينهن طبي عملي سان ملاقات کانپوءِ اعلان ڪيو ته طبي عملي جا مطالبا مڃيندي ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز، ڊائريڪٽر ميڊيڪل ڪاليجز ۽ ڪولڪتا جي پوليس چيف کي سندن عهدي تان هٽايو ويندو.
اختيارين طرفان ڊاڪٽرياڻي سان زيادتي ۽ قتل جي الزام هيٺ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رياستي حڪومت کي ڪيس جي سست رفتاري تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
You might also like