تاريخي شارجا اسٽيڊيم هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو

ڪرڪيٽ جي دنيا جو مشهور ۽ تاريخي شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ وارو آهي.
شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم سڀ کان وڌيڪ هڪ ڏينهن وارين ميچن جي ميزباني ڪندڙ وينيو آهي ۽ هاڻي اِهو تاريخي ميدان هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ وارو آهي، اسٽيڊيم۾ سڀاڻي 250 هين ون ڊي ميچ انٽرنيشڻل ميچ کيڏي ويندي.
1984ع کان هنيئر تائين شارجا اسٽيڊيم 249 ميچن جي ميزباني ڪري چڪو آهي، سڀاڻي افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ ۾ وينيو تي 250 هين ون ڊي ميچ کيڏي ويندي، اهڙي ريت شارجا اسٽيڊيم اِهو اعزاز حاصل ڪندڙ دنيا جو پهريون اسٽيڊيم بڻجي ويندو.
سڀ کان وڌيڪ ون ڊي ميچن جي ميزباني ڪندڙ اسٽيڊيم جي لسٽ ۾ زمبابوي جو هراري اسپورٽس ڪلب ٻئي نمبر تي آهي جتي 182 ميچون ٿي چڪيون آهن، آسٽريليا جو ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ سريلنڪا جو آر پرماداسا اسٽيڊيم 151، 151 ون ڊي ميچن جي ميزباني ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.