واٽس ايپ اسٽيٽس لاءِ هڪ نئين فيچر جو وڌارو ڪيو پيو وڃي، ڪمپني طرفان مارچ 2024 ۾ اسٽيٽس اَپ ڊيٽ مينشنز نالي فيچر تي ڪم شروع ڪيو ويو هو ۽ هاڻي اِهو اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ نئين بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، اسٽيٽس اَپ ڊيٽ مينشنز فيچر بيٽا ورزن واهپيدارن لاءِ دستياب آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان فيچر تحت اوهان اسٽيٽس اَپ ڊيٽ ذريعي تصوير يا وڊيو کي شيئر ڪندئو ته ڪيپشن بار ۾ @ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ڪنهن ڪانٽيڪٽ کي مينشن ڪري سگهو ٿا.
جنهن ڪانٽيڪٽ کي مينشن ڪيو ويندو، ان کي هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي آگاهه ڪيو ويندو ته اوهان کيس پنهنجي اسٽيٽس تي مينشن ڪيو آهي.
جن واهپيدارن کي مينشن ڪيو ويندو اُهو ان اسٽيٽس کي پنهنجي ڪانٽيڪٽس سان ري شيئر ڪري سگهندا، جنهن جو آپشن ريپلاءِ باڪس جي ڀرسان نظرايندو.
پر انسٽاگرام جي ابتڙ جڏهن اوهان جو مينشن ڪيل فرد اسٽيٽس کي ري شيئر ڪندو ته اوهان جي سڃاڻپ ڳجهي رهندي، اهڙي ريت اوهان جي طرفان مينشن ڪيل ڪانٽيڪٽ پڻ اسٽيٽس کي ڏسڻ وارن کي نظر نه ايندو
رپورٽ موجب، اوهان جي اسٽيٽس ۾ جنهن ڪانٽيڪٽ کي مينشن ڪيو ويندو، اُهو ان اسٽيٽس کي ان وقت بهڏسي سگهندو جڏهن اوهان پرائيويسي سيٽنگ ذريعي ٻين ماڻهن تائين پهچڻ کان روڪيندئو.
في الحال اِهو واضح ناهي ته واٽس ايپ طرفان فيچر ڪيستائين سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو، پر تازي اَپ ڊيٽس مان اِهو محسوس ٿي رهيو آهي ته تمام جلد سموري دنيا جي واهپيدارن لاءِ اِهو فيچر متعارف ڪرايو ويندو.
You might also like