پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور آئيني ترميمن جي کُلي مخالفت ڪري ڇڏي.
پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي علي امين چيو ته اسلام امن جو پيغام ڏيندو آهي ۽ اسان پُرامن ماڻهو آهيون، دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان جي دلين مان نفرتون ڪڍي.
آئيني ترميمن واري معاملي تي وڏي وزير چيو ته آئيني ترميمون جهموريت تي حملو آهي ۽ هو ان کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا، هنن سوچيو ڪئين ته هي جهموريت جي هوندي اهڙو بل آڻيندا.
علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته اسان عدليا سان گڏ بيٺا آهيون، اسان پارليامينٽ ۾ کين شڪست ڏينداسين، اسان پنهنجي جائز حقن لاءِ آواز اُٿاريندا رهنداسين، آئيني ترميمن جي منظوري تي پري رهيو کين اِهو بل اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جرئت به نه ٿيندي.
You might also like