ٽائٽن آبدوز جي تباهه ٿيڻ کان اڳ موڪليل آخري پيغام ۽ تصوير سامهون اچي وئي

گذريل سال جون ۾ سامونڊي حادثي جو شڪار ٿيندڙ آوبدوز ٽائٽن مان موڪليل آخري پيغام ۽ ملبي جي پهرين تصوير سامهون اچي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، آمريڪي ڪوسٽ گارڊ جهاز تي آخري لمحن بابت نون تفصيلن بابت انڪشاف ڪيو آهي.
حادثي جو شڪار ٿيندڙ بدقسمت آبدوز ۾ پنج مسافر سوار هئا جيڪي پاڻي هيٺ هئڻ سبب مواصلاتي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا هئا پر هو پُراميد هئا، آبدوز جو رابطو ڪٽجڻ کان اڳ موڪليل پيغام ٽيڪسٽ ميسج اٽڪل هڪ سال کانپوءِ سامهون آيو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رابطو ڪٽجڻ کان اڳ پنهنجي آخري پيغام ( ٽيڪسٽ ميسج ) ۾ لکيو ته ” هتي سڀ ٺيڪ آهي“
رپورٽ موجب، تباهه ٿيندڙ آبدوز ۾ مٿي ڄاڻايل آخري پيغام مقامي وقت موجب ڏهه لڳي 47 منٽن تي موڪليو ويو هو، جنهن وقت آبدوز 3 هزار 346 ميٽر جي گهرائي ۾ هئي، جڏهن آمريڪي ڪوسٽ گارڊز ان واقعي جي جاچ ۽ اهڙي حادثي کان بچڻ لاءِ ٻن هفتن جي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڪوسٽ گارڊز جو ميرين بورڊ آف انويسٽيگيشن اوشين گيٽ جي 10 اڳوڻن ملازمن ۽ ميرين سيفٽي ماهرن کان پڇا ڳاڇا ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.