رياض (ويب ڊيسڪ ) سعودي عدالت ليفٽيننٽ جنرل کي ملازمت تان برطرف ڪري ويهه سال قيد ۽ ڏهه لک ريال ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سعودي عدالت پبلڪ سيڪيورٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽرليفٽيننٽ جنرل خالد بن قرار الحربي کي مجموعي طور تي ويهه سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، بن قرار الحربي مٿان اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي عوامي فنڊن ۾ گهوٻين، فراڊ ۽ رشوت وٺڻ جو الزام هو.
ليفٽيننٽ جنرل خالد بن قرار کي ڏنڊ طور ٻڌايل سزا ڏهه لک ريال جي رقم حڪومتي خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سعودي عدالت طرفان خالد بن قرار الحربي کي ملازمت تان برطرف ڪري سندس خلاف جاچ شروع ڪرڻ سميت رشوت طور ورتل هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ريال ۽ ٻين طريقن سان جمع ڪيل رقم ۽ زرعي زمين پڻ ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اِها سزا فوجداري قانون تحت ڏني وئي آهي.
You might also like