وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي انعامي رقم ٻيڻي، فاتح ٽيم کي ڪيترا پئسا ملندا؟

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي انعامي رقم جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي عاليم ڪپ جي ٽرافي جي پاڪستان جي دوري کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
پروگرام موجب، ورلڊ ڪپ ٽرافي 18 سپٽيمبر تي پاڪستان پهچندي، ٽرافي لاهور پهچڻ کانپوءِ ملتان منتقل ڪئي ويندي جتي پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وومين ٽيمن وچ ۾ شيڊيول ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران اِها اسٽيڊيم ۾ نمائش لاءِ رکي ويندي.
آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا مقابلا 3 آڪٽوبر کان گڏيل عرب رياستن ۾ شروع ٿيندا.
آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ جي انعامي رقم
آءِ سي سي طرفان وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڪُل انعامي رقم 79 لک 58 هزار 80 ڊالرز مختص ڪئي وئي آهي.
فاتح ٽيم کي 23 لک 40 هزار آمريڪي ڊالرز ملندا جڏهن ته رنر اَپ کي 11 لک 70 هزار آمريڪي ڊالرز ڏنا ويندا، ان کانسواءِ سيمي فائنلسٽ ٽيمن کي 6 لک 75 هزار آمرڪي ڊالرز ڏنا ويندا.
گروپ مرحلي ۾ ميچ جي ڪاميابي تي 31 هزار 154 آمريڪي ڊالرز ملندا، آءِ سي سي طرفان انعامي رقم ۾ 225 سيڪڙو واڌارو ڪيو ويو آهي.
فاتح ٽيم جي انعامي رقم ۾ 134 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ رنر اَپ جي رقم ۾ 134 سيڪڙو، سيمي فائنلسٽ 221 سيڪڙو ۽ گروپ ميچ جي فاتح جي انعامي رقم ۾ 78 سيڪڙو واڌارو ڪيو ويو آهي.
ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ تمام ڏهن ٽيمن جي بيس پرائز هڪ لک ٻارنهن هزار پنج سئو ڊالرز رکي وئي آهي، ميگا ايونٽ ۾ پنجين کان اٺين نمبر تي ايندڙ ٽيمن کي ٻه لک ستر هزار ڊالرز رقم ملندي، نائين ۽ ڏهين پوزيشن واري ٽيمن جي حصي ۾ به هڪ لک پنجٽيهه هزار ڊالرز ايندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.