نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) عام آدمي پارٽي طرفان اتيشي مارلينا کي رياست جي نئين وزيراعليٰ نامزد ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، نئين دهلي جي وڏي وزير اروند ڪجريوال جي استعيفي جي اعلان کانپوءِ عام آدمي پارٽي ڪابينا جي وزير اتيشي مارلينا کي نئين دهلي جي وزيراعليٰ نامزد ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، اروند ڪجريوال ليفٽيننٽ گورنر وي ڪي سڪسينا سان ملاقات کانپوءِ پنهنجي منصب تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ هن اتيشي مارلينا جو نالو وزيراعليٰ طور تجويز ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، عام آدمي پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن جي اجلاس ۾ اِهو اعلان ڪيو ويو ته اروند ڪجريوال اتيشي مارلينا کي وزيراعليٰ طور نامزد ڪيو آهي جنهن جي پارٽي جي سمورن اسيمبلي ميمبرن منظوري ڏني.
ميڊيا رپورٽس موجب، اتيشي مارلينا دهلي سرڪار ۾ تعليم، پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي وزير طور خدمتون انجام ڏئي چڪي آهي.
واضح رهي ته نئين دهلي جي اڳوڻي وڏي وزير اروند ڪجريوال کي شراب پاليسي ڪيس ۾ ڇهن مهينن کانپوءِ ضمانت آزاد ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هن وزيراعليٰ جي منصب تان استعيفيٰ ڏيڻ ج اعلان ڪيو هو.
You might also like