نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي عهديدارن جي قتل جي سازش جي الزام هيٺ گرفتار آصف مرچنٽ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، آصف مرچنٽ کي نيويارڪ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي هن پاڻ مٿان مڙهيل الزامن کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت وڌيڪ جاچ تائين آصف مرچنٽ کي حراست هيٺ رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.
واضح رهي ته آصف مرچنٽ تي آمريڪي عهديدارن جي قتل جي سازش ۽ آمريڪا ۾ دهشتگردي جي ڪوشش جا الزام آهن، آصف مرچنٽ کي پندرنهن جولاءِ تي ٽيڪساس رياست مان گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
You might also like